سيد سردار علي شاهه

سيد سردار علي شاهه

سيد سردار علي شاهه

سيد سردار علي شاهه: سياسي، سماجي ڪارڪن سيد سردار علي شاهه بخاري ولد سيد حيدر شاهه ڳوٺ نوشهره ڍاله، تعلقي ترنتارن ضلعي امرتسر ۾ جنم ورتو، جيڪو سکن جو علائقو هو ۽ ان کي ’مانجها‘ به چيو ويندو هو. هي علائقو چورن ڌاڙيلن جو ڳڙهه هو. اڪثر زميندار سِک ۽ ڪڙمي گهڻو ڪري مسلمان هوندا هئا. هن علائقي جا سک ۽ مسلمان، سيد حيدر شاهه جا معتقد هئا. سردار علي شاهه شروع کان ئي پيري مريديءَ جي خلاف هو، ان ڪري ملازمت جي تلاش ۾ نڪتو. ان زماني ۾ پنجاب ۽ سنڌ ۾ ريلوي لائين جو ڪم هلي رهيو هو ۽ ڪيترين لائينن تي ريل گاڏيون هلڻ شروع ٿي چڪيون هيون. هن به وقت جي نزاڪت کي محسوس ڪندي، ريلوي ۾ ملازمت اختيار ڪئي. شروع ۾ هي فائرمئن مقرر ٿيو ۽ پوءِ انجڻ ڊرائيور ٿيو. اهڙيءَ ريت هو سنڌ ۾ پهتو ۽ ڪجهه وقت کانپوءِ نوڪري ڇڏي ڏنائين ۽ اٽي پيهڻ، چانورن ڇڻڻ، ڪپهه ٽاڻڻ، برف جي ڪارخانن لڳائڻ، مشينري نصب ڪرڻ، انجڻن جي خرابيءَ کي دور ڪرڻ ۽ ٻين اهڙن ڪمن ۾ وڏي مهارت رکندو هو. اهڙيءَ ريت اتر سنڌ ۾ قائم ڪارخانن جي توسيع ۽ ترقيءَ ۾ سندس فني خدمتن جو وڏو هٿ هو. هن جو بائلر انجنيئرنگ بابت لکيل ڪتاب گهڻي عرصي تائين شاگردن کي ڪورس طور پڙهايو ويندو هو.
سيد سردار علي شاهه، سکر، نوشهري فيروز، لاڙڪاڻي، ڪراچي ۽ حيدرآباد ۾ ڪيترا ڪارخانا قائم ڪيا. هي ’رئيس اعظم‘ جي لقب سان به مشهور هو. نون سالن تائين سکر ميونسپل جو ڪائونسلر رهيو. هن کي ٻه فرزند سيد محبوب علي شاهه بخاري ۽ سيد ناصر علي شاهه بخاري ٿيا.
هن 1939ع ۾وفات ڪئي، کيس شيخ شينهن بادشاهه جي قبرستان ۾ دفن ڪيو ويو.


لفظ سيد سردار علي شاههھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو